وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ جي واقعي کانپوءِ سڪيورٽي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، جتي حملي آور فائرنگ دوران 8 گوليون هنيون.
آمريڪي ميڊيا موجب ان واقعي ۾ زخمي ٿيل هڪ پوليس اهلڪار کي علاج بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ ۾ اهو به ظاهر ٿيو آهي ته جوابدارن جو ڪو به اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ نه هو، جنهن ڪيس کي سيڪيورٽي ادارن لاءِ وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو.
ايف بي آءِ جي ٽيم شڪي جي گهر جو گهيرو ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ سرچ وارنٽ جي انتظار ۾ آهي.
آمريڪي اٽارني جنرل موجب حملي آور جو مقصد وڌ کان وڌ نقصان پهچائڻ هو.
ميڊيا رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جوابدار پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو ته سندس اصل نشانو ڊونلڊ ٽرمپ هو ۽ هو ٽرمپ انتظاميه جي آفيسرن کي نشانو بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو.
اختيارين واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سڪيورٽي ادارا جاچ ڪري رهيا آهن ته حملو ڪنهن وڏي منصوبي جو حصو هو يا انفرادي عمل.


