ايران آمريڪا امن ڳالهين جي ٻئي دور جي حوالي سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندڙ آمريڪي ايڊوانس ٽيمن جي مرحليوار واپسي جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهچندڙ آمريڪي ايڊوانس ٽيمن جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هڪ ٽيم گذريل رات روانو ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻي ٽيم آچر جي صبح واپس ايندي، ٻيون ٽيمون به آهستي آهستي روانو ٿينديون.
ٽيمن جي آمد دوران جڙيل شهرن ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، فيض آباد بس ٽرمينل کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي ۽ مختلف رستن کي عارضي طور تي بند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٽيمن جي روانگي کانپوءِ ايڪسپريس هاءِ وي تي ٽريفڪ معمول تي اچڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف عباس عراقچي جي مسقط سميت ٻن ملڪن جو دورو ڪرڻ بعد اسلام آباد واپسي جو امڪان آهي.
شهرين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ وي ۽ سرينگر تي مختلف وقتن تي ڊائيورشن سبب سفر ۾ دير ٿي سگهي ٿي.
تنهن ڪري اضافي وقت رکو ۽ ٽريفڪ پوليس سان تعاون ڪريو، جيڪي شهرين جي رهنمائي لاءِ روڊن تي آهن.


