اسلام آباد:
حڪومت ٽرانزٽ آف گڊس آرڊر 2026 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت پاڪستان ذريعي ايران تائين سامان پهچائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
ٽرانزٽ آف گڊز آرڊر 2026 جي نوٽيفڪيشن موجب نون ٽرانزٽ روٽس جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي، گوادر، ڪراچي ۽ تفتان روٽس ٽرانزٽ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن.
واپار واري وزارت موجب ٽئين ملڪن مان ايران وڃڻ وارو سامان پاڪستان مان گذري سگهندو، گوادر بندرگاهه کي به تجارتي مقصدن لاءِ حيثيت ڏني وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ٽرانزٽ ڪارگو لاءِ فنانشل گارنٽي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ايف بي آر ضابطن تحت ڪسٽم طريقيڪار لاڳو هوندو.


