ڪراچي؛ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کان جامعه مليه ۾ غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ جو مطالبو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪراچي جي مشهور جامعه مليه گورنمينٽ ڪاليج جي زمين تي قبضي واري معاملي تي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران پيش رفت شروع ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سنڌ گلاب راءِ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڪورنگي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ ضلعي ڪورنگي کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اختيارين کي سفارش ڪئي وئي آهي ته جامعه مليه گورنمينٽ ڪاليج جي راند جي ميدان ۾ غير قانوني اڏاوت کي فوري طور بند ڪرايو وڃي. ريجنل ڊائريڪٽر پاران لکيل خط ۾ جامعه مليه ڪاليج جي پرنسپال پاران حددخلين جي حوالي سان داخل ڪيل شڪايت ۽ معاملي جي 4 رڪني ڪميٽي پاران جاچ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان چيو ويو آهي ته ڪاليج جي پرنسپال پاران داخل ڪيل شڪايت موجب انڪروچمينٽ مافيا ڪاليج اندر غير قانوني اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان شڪايت جي بنياد تي 4 رڪني جاچ ڪميٽي 20 اپريل تي ڪاليج جو دورو ڪيو ۽ شڪايت جو جائزو ورتو ۽ ڪميٽي جي ابتدائي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته جامعه مليا ڪاليج جي احاطي ۾ حددخليون مافيا طرفان غير قانوني اڏاوتون هلندڙ آهن، انڪري ڪاليج ۽ ان جي شاگردن جي بهتر مفاد ۾ انهن اڏاوتن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment