وقتي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وقتي صدر يوسف رضا گيلاني وزيراعظم شهباز شريف جي سفارش تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. قائم مقام صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 200 جي ذيلي شق ون تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي لاءِ وزيراعظم جي سفارش جي سمري جو پيرا 7 منظور ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت به قائم مقام صدر جي منظوري کانپوءِ ٽن ججن جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صدر مملکت پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 200 جي ذيلي شق ون تحت جسٽس محسن اختر ڪياني جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس بابر ستار کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس تمن رفعت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدلي جي منظوري ڏني هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ٻن ٻين ججن جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جي بدلي جي سفارش واپس وٺي ڇڏي. ججن جي نئين سينيئرٽي لسٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني تبادلي کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئرٽي ۾ 12هين نمبر تي هوندو، جڏهن ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جو ٽيون نمبر آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي، جسٽس تمن رفعت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئرٽي لسٽ ۾ 16 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئرٽي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment