آفريڪي ملڪن سان پاڪستان جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان جا بين الاقوامي واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي ڪري آفريقي ملڪن خاص ڪري ڪينيا ۽ ايٿوپيا سان واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.

ڪينيا ڏانهن برآمدات جولاءِ کان مارچ 26 – 2025 تائين 32 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو، مجموعي برآمدات 251.6 ملين ڊالر کان وڌي 319.9 ملين ڊالر ٿي ويون. چانورن، ڪپڙي، دوائن، آئي ٽي سروسز ۽ قابل تجديد توانائي جي شين جي برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.

اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو ٽي ڊي پي محمد زبير موتي والا چيو ته آفريڪي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، فارما، چانور، پلاسٽڪ ۽ ٽيڪسٽائيل سميت اهم شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. فارما پروڊڪٽس جي عالمي منظوري لاءِ موثر لابنگ جي ضرورت آهي.

ٻئي طرف واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا وچ ۾ پڻ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ننڍي ۽ وچولي ادارن (ايس ايم ايز) جي فروغ، گڏيل سيڙپڪاري ۽ آفريقي مارڪيٽن ۾ صنعتي تعاون تي زور ڏنو ويو.

محمد زبير موتي والا چيو ته SIFC کي ”ميڊ ان پاڪستان“ کي عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو لائق برانڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ۽ ڪاروباري توسيع لاءِ ’بي 2 بي‘ رابطا ۽ ’بي 2 جي‘ وفدن جي روانگي ناگزير آهي.

عالمي سطح تي پاڪستان جي واپاري قوت ملڪ جي معاشي ترقي ۽ برآمدات ۾ واڌ طرف مثبت پيش رفت آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment