آمريڪي پابندين جو مقصد ايران کي اندر کان ٽوڙڻ آهي، باقر قالباف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


تهران:

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالب چيو آهي ته آمريڪا طرفان لاڳو پابندين ۽ بندش جو بنيادي مقصد ايران کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران اندر مختلف سياسي گروهن کي انتهاپسند ۽ اعتدال پسند گروپن ۾ ورهائي ملڪ اندر اختلافن کي باهه ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿو.

باقر قالباف چيو ته ان صورتحال ۾ قومي اتحاد ئي سڀ کان موثر جواب آهي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايراني عوام ۽ قيادت کي ٻاهرئين دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو ڇو ته اندروني افراتفري ئي دشمن جي مقصدن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ايران هميشه اتحاد ۽ يڪجهتي سان بيروني چئلينجن کي منهن ڏنو آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي رستو اختيار ڪرڻ ناگزير آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment