واشنگٽن:
آمريڪا لبناني تنظيم حزب الله سان لاڳاپيل فردن ۽ ادارن خلاف نئين اقتصادي پابندين جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي خزاني واري کاتي موجب اهي پابنديون انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين تي لڳايون ويون جن مبينه طور تي حزب الله کي فنڊنگ ۽ چينلنگ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ ضروري آهي.
پابندين جو نشانو بڻجڻ وارن ۾ حزب الله جي سياسي ڪائونسل جو ڊپٽي سربراهه محمود قمطي به آهي، جنهن تي ايران مان فنڊن جي منتقلي جو الزام لڳايو ويو آهي.
اهڙي طرح لبنان جي سياسي پارٽي مردا موومينٽ جي سربراهه سليمان فرانجيه کي به فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تي حزب الله جي سياسي اتحاد جي حمايت جو الزام آهي.
آمريڪي خزاني واري کاتي واضح ڪيو آهي ته انهن قدمن تحت نامزد سمورن ماڻهن ۽ ادارن جا آمريڪي اثاثا منجمد ڪيا ويندا، جڏهن ته پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آمريڪي ۽ پرڏيهي ادارا قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهن ٿا.


