سپريم ڪورٽ اين اي 251 تان ڪامياب اميدوار خوشحال خان ڪاڪڙ کي چونڊ ڌانڌلي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي خوشحال خان ڪاڪڙ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن فوري طور جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مختصر فيصلي ۾ اليڪشن ٽربيونل بلوچستان جي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ 18 فيبروري 2024 جو سيد سميع الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر فارم 48 تيار ڪندي جان بوجھائي 45 جي نتيجن ۾ تبديلي ڪئي.
سپريم ڪورٽ چيو ته رڪارڊ موجب خوشحال خان ڪاڪڙ جي هر پولنگ اسٽيشن تان 100 ووٽ ڪٽيا ويا ۽ مخالف اميدوار جي اڪائونٽ ۾ وڌا ويا، خوشحال خان جا 100 ووٽ پولنگ اسٽيشن نمبر نمبر 1 تي ڪٽيا ويا.
فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن فارم 45 جا نتيجا تبديل نه ڪيا وڃن ها ته خوشحال خان ڪاڪڙ 1863 ووٽن جي فرق سان ڪامياب ٿئي ها، نتيجن ۾ تبديلي چونڊ مينڊيٽ کي دانستہ طور تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته رٽرننگ آفيسر کي فارم 45 جا نتيجا تبديل ڪرڻ جو ڪو به قانوني اختيار ناهي، اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي آئين جي پابند آهي، ووٽ ۾ ڪا به تبديلي عوام جي مرضي کي قتل ڪرڻ جي مترادف آهي، چونڊ عملدار طرفان نتيجن ۾ ڦير ڦار اليڪشن قانون موجب ڏوهه آهي.
ياد رهي ته عام چونڊن ۾ جي يو آءِ ف جو سيد سميع الله ڄاڻايل تڪ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي جي خوشحال خان ڪاڪڙ چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪيو هو.
3 رڪني بينچ 27 فيبروري 2026 تي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري سمري فيصلو ٻڌايو. بينچ ۾ جسٽس شاهد وحيد، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شڪيل احمد شامل هئا. تفصيلي فيصلو جسٽس شڪيل احمد لکيو.


