آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چين جي وزيراعظم لي ڪيوانگ سان غير رسمي ملاقات ڪئي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ چيني وزيراعظم وچ ۾ گريٽ پبلڪ هال ۾ شاندار استقباليه ملاقات ٿي.
ان موقعي تي چين جي وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گرمجوشي سان هٿ ملايو، ٻنهي شخصيتن وچ ۾ ملاقات به ٿي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن وقت وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ چين جي دوري تي آهي.


