آمريڪا پابندي جو اهڙو جواب ڏيندو ته دنيا ياد رکندي، ايران جو وڏو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران آمريڪي پابندين تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته هو اهڙو قدم کڻندو جيڪو ياد رکيو ويندو. ايراني اختيارين موجب آبنائي هرمز ۾ آمريڪي قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ قزاقي جي مترادف آهن.

ايراني اختيارين پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا عالمي واپار ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ ايراني ملڪيتن تي ناجائز قبضو ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف ايران کي سخت جواب ڏيڻ جو حق آهي. هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي ذميواري آمريڪا تي آهي.

ٻئي طرف ايراني فوج به سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ملڪي فوجي تياريون جاري آهن ۽ امڪاني هدفن جي فهرستن کي مسلسل اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي. فوجي اختيارين موجب جيتوڻيڪ آمريڪا سان جنگ بندي جو اعلان ٿي چڪو آهي پر ايران ان کي حتمي امن نٿو سمجهي ۽ ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار آهي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ايران پاران پيش ڪيل تازي تجويز کي رد ڪندي واضح ڪيو هو ته جيستائين ڪو معاهدو نه ٿيندو، تيستائين ايران خلاف ناڪابندي برقرار رهندي. ان فيصلي کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.

ذريعن موجب آمريڪي فوج ايران خلاف مختصر مگر طاقتور حملن جو پلان به تيار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب، اهي ممڪن حملا ايران جي نازڪ انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائي سگهن ٿا تهران تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ ان کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر عالمي واپار ۽ تيل جي مارڪيٽن تي به پئجي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment