اسلام آباد؛ انساني سمگلنگ، ويزا فراڊ ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل اسلام آباد جي ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ ۽ ويزا فراڊ ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن. ايف آءِ اي پاران ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر شهزاد نديم بخاري جي هدايتن تي ايف آءِ اي اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل اسلام آباد آذربائيجان جي ورڪ ويزا لڳرائي 5 لک رپين کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪندڙ جوابدارن اسد امتياز ۽ مهد اشرف کي گرفتار ڪيو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻئي واقعي ۾ جوابدار ناصر محمود پنهنجي ڀاءُ اسد علي ۽ ڪزن محسن خان کي پرتگال موڪلڻ جي نالي تي شهري محمد راسخ کان 6 لک رپيا نقد ۽ بئنڪ ٽرانسفر حاصل ڪيا پر جوابدار نه پرتگال جي ورڪ ويزا فراهم ڪري سگهيو ۽ نه ئي مليل رقم واپس ڪري سگهيو. ايف آءِ اي موجب جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ايف آءِ اي جوابدارن خلاف اميگريشن آرڊيننس 1979 جي سيڪشن 18، 22 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 109 تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. اهڙي طرح ٽئين ڪارروائي ۾ ايڇ ٽي سي اسلام آباد سرڪل انساني اسمگلر عمران سرور کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پرڏيهه موڪلڻ جي نالي تي شهري کان 27 لک رپيا هڙپ ڪيا، جن کي آمريڪا ۽ سعودي عرب موڪلڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته چئن جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment