موٽرسائيڪل سوار، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي هڪ مهيني جي سبسڊي وڌائڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم موٽرسائيڪل سوارن، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ لاءِ گذريل مهيني ڏنل سبسڊي ۾ وڌيڪ هڪ مهينو واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم شهباز شريف معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪمزور طبقن کي رليف ڏيڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوار، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ لاءِ گذريل مهيني ڏنل سبسڊي ۾ هڪ مهيني لاءِ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم سفري ڀاڙن ۽ مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ کي روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي رليف جي قدمن جي موثر مانيٽرنگ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ان جو ثمر سڌو سنئون مستحق ماڻهن تائين پهچي.

وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي تعاون سان ڏکين حالتن ۾ عام ماڻهو لاءِ اربين رپين جو قومي رليف پيڪيج ڏنو آهي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح هوندي ۽ عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، دعا آهي ته خطي جي صورتحال جلد بهتر ٿئي ته جيئن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام اچي سگهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment