بن قاسم ٽائون پوليس ڪوئلي جي چوري جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڪوئلي سان ڀريل 2 ڊمپر هٿ ڪري ورتا. تفصيل موجب بن قاسم ٽائون پوليس ڪوئلي چوري جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 4 جوابدارن جوگنو، حوالدار علي، رحمت الله ۽ عين الدين کي گرفتار ڪري ورتو. بن قاسم ٽائون پوليس موجب پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي. گرفتار جوابدار ڊمپر ذريعي ڪوئلو چوري ڪري مختلف هنڌن تي سپلاءِ ڪري رهيا هئا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي وڌيڪ ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
Source link

ڪراچي؛ بن قاسم مان ڪوئلو چوري ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، 4 جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

