ايليمينٽر 2 ۾ شڪست کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان بابر اعظم کي فائنل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني.
ميچ جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته مان چاهيان ٿو ته بابر اعظم کٽي ڇاڪاڻ ته هو ڪافي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيو آهي.
شاداب خان مسڪرائيندي چيو ته جڏهن ته حيدرآباد جي ٽيم هن ٽورنامينٽ ۾ معجزا ڪري رهي آهي، حالتون خراب نظر اچي رهيون آهن.
اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان حينين شاهه جي آخري اوور بابت چيو ته انجري مان جان ڇڏائڻ بعد الله تعاليٰ کيس عزت ڏيڻ جو موقعو ڏنو، جنهن تي کيس خوشي آهي.
هن چيو ته هن ٽورنامينٽ ۾ اسان جي ڊيٿ بالنگ جو مسئلو رهيو پر حيدرآباد فيلڊنگ ۾ رنسون بچائي ورتيون جنهن سبب سندن فتح ٿي.


