اسلام آباد ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقصود چيو آهي ته ايران پاڪستان ذريعي آمريڪا کي نئين ڳالهين واري منصوبي کان آگاهه ڪيو آهي پر ان جي اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪا جي رويي تي هوندو.
ايراني نيوز ايجنسي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران پنهنجي موقف ۽ مطالبن ۾ واضح ۽ شفاف آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا واقعي ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته ان کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ايران قومي مفادن ۽ دفاعي پاليسي تي سمجهوتو نه ڪندو.
رضا اميري مغموم موجب جنگ جي خاتمي لاءِ هي نئون سفارتي پلان پاڪستان ذريعي آمريڪا تائين پهچايو ويو آهي ۽ پاڪستان موجوده عمل ۾ مرڪزي ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته هن ڪردار کي تبديل ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري ايران جي موقف کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪا جو رويو غير مستحڪم قرار ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ايران سفارتڪاري جي راهه تي گامزن آهي پر ڳالهين جي ڪاميابي جو دارومدار آمريڪا جي رويي تي آهي.
پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن تي ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته ميرجاوا بارڊر، تفتان بارڊر ۽ گباد رمضان بارڊر واپار جا اهم رستا آهن، پاڪستان خطي ۾ واپاري تنوع ۽ ايران سان سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو.


