ايران ۾ اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن هڪ نوجوان کي به ڦاهي ڏني وئي.
ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي تنسيم نيوز موجب يعقوب ڪرمپور ۽ ناصر بڪرزاده تي الزام هو ته هو 1980ع کان 1988ع تائين ايران عراق جنگ دوران اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيا هئا.
ايران جي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود دستاويز ظاهر ڪيو ويو آهي ته ملزمن کي موساد سان تعاون ڪرڻ جي بدلي ۾ ڊجيٽل فنڊنگ جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي. جوابدار سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي موساد سان رابطي ۾ هئا.
ٻنهي شڪي ماڻهن اهم ترين ايٽمي سهولت نتنز ۽ حساس هنڌن بابت معلومات ۽ ڊيٽا گڏ ڪري موساد کي فراهم ڪئي. جنهن سبب ملڪ جي قومي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي.
گرفتاري بعد جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي موت جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو، جنهن تي عمل ڪندي ٻنهي جوابدارن کي اڄ صبح ڦاهي ڏني وئي.


