شهر قائد جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ ڏينهن ڏٺي جي واردات دوران هٿياربندن گهر مان سونا، زيور، نقدي ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، مجموعي طور تي 40 لک رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٻڌايو پيو وڃي.
تفصيل موجب گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ رهواسي گهر ۾ چوري جي واقعي دوران چور گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر کي سوگهو ڪري ويا.
مقتول ڪاشف پوليس کي ٻڌايو ته 4 هٿياربندن تالا ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو.
مدعي جي بيان موجب واقعي دوران گهر ڀاتين کي ڳنڍي ڇڏيو ويو هو، جڏهن گهر واپسي تي ڏٺائين ته گهر جا ڀاتي پيل هئا ۽ گهر مان قيمتي سامان غائب هو.
مدعي جو چوڻ هو ته جوابدار گهر ڀاتين تي پڻ تشدد ڪيو ۽ ٻارڙي کي ننڊ مان جاڳائي زيادتي ڪئي، جڏهن ته زال کي به ڌڪ هنيو.
ايس ايڇ او گلشن اقبال محمد سعود جو چوڻ آهي ته عورت جسماني تشدد کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جوابدار رڳو کيس رسي سان ڳنڍيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته واقعي کانپوءِ عورت ۽ ٻار گهر ۾ موجود هئا، جڏهن ته گهر اندر ڪپڙن ۾ لڪايل ڪجهه رقم ملي. عورت چيو ته سون جا چند ننڍڙا سيٽ ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو.
گلشن اقبال ٿاڻي ۾ واقعي جو ڪيس مقتول ڪاشف جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.


