حيدرآباد ۾ سني اڳواڻ تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو الزام

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حيدرآباد:

سُني تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر خالد قادري تي قاتلاڻي حملي خلاف ڪارڪنن روڊن تي نڪري آيا ۽ جوابدارن جي گرفتاري خلاف سخت احتجاج ڪيو.

رات دير سان شهر جي مصروف ترين علائقي حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته فوري طور انصاف ڪيو وڃي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته خالد قادري تي حملي کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن دعويٰ ڪئي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ان باوجود پوليس ڪارروائي نه ڪري رهي آهي، جنهن ڪري شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.

سني تحريڪ جي ڪارڪنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جوابدارن کي فوري گرفتار نه ڪيو ويو ته اڱاري تي ايس ايس پي آفيس جو گهيرو ڪيو ويندو ۽ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment