آبنائے هرمز ۾ هڪ نئون اتحاد؟ ڏکڻ ڪوريا جو آمريڪي مشن ۾ شامل ٿيڻ تي غور

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڏکڻ ڪوريا آبنائے هرمز ۾ تجويز ڪيل آمريڪي بحري مشن ’پروجيڪٽ فريڊم‘ ۾ شرڪت جي امڪان تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

نيوز ايجنسي موجب ڏکڻ ڪوريا جو صدارتي دفتر ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيو آهي ته ملڪ عملي طور تي مشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو يا نه. ان حوالي سان مختلف سفارتي ۽ فوجي پهلوئن جو به تفصيلي مطالعو ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ تازو ئي ’پروجيڪٽ فريڊم‘ جي نالي سان نئين فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل واپاري جهازن کي محفوظ لنگهه فراهم ڪرڻ ۽ عالمي شپنگ بحال ڪرڻ آهي.

هي اهم آبي رستو عالمي تيل ۽ گئس جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو، پر تازي ڇڪتاڻ ۽ بحري بندش سبب هتي جهازن جي آمد و رفت سخت متاثر ٿي رهي آهي.

ماهرن موجب جيڪڏهن ڏکڻ ڪوريا به مشن ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان قدم سان خطي ۾ عالمي تعاون مضبوط ٿي سگهي ٿو پر ان سان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو خدشو به موجود آهي خاص ڪري ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾.





Source link

Share This Article
Leave a Comment