فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ ايراني ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان فيفا پاران ايران کي وڏي آڇ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايراني فٽبال ٽيم جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا ايران کي وڏي آڇ ڪئي آهي. عرب ميڊيا موجب فيفا ايراني فٽبال فيڊريشن کي عالمي ڪپ ۾ ايران جي شرڪت بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ زيورخ ۾ پنهنجي هيڊ ڪوارٽر جي دوري جي دعوت ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال سبب ايران جي شموليت غير يقيني آهي، جڏهن ته عالمي فٽبال تنظيم فيفا مسئلي جي حل لاءِ سرگرم آهي. فيفا اختيارين موجب ايران کي 20 مئي تي زيورخ ۾ ٿيندڙ اجلاس جي دعوت ڏني وئي آهي جنهن ۾ ٽيم جي شرڪت، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ٻئي طرف فيفا جي صدر گياني انفنٽينو اڳ ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايران 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ضرور شرڪت ڪندو ۽ شيڊول موجب پنهنجون ميچون آمريڪا ۾ کيڏندو. واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ منعقد ٿيندو پر موجوده صورتحال سبب ايران جي شرڪت عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment