پاڪستان ۽ ترڪي جوڊيشل ڪوآپريشن معاهدي تحت اهم اڳڀرائي، پاڪستاني وفد جو استنبول جو دورو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد: پاڪستان ۽ ترڪي جي عدالتي تعاون جي معاهدي تحت اهم اڳڀرائي ٿي آهي جنهن تحت پاڪستان جي عدالتي وفد ترڪي جو دورو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وفد ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر، گلگت بلتستان جي چيف جسٽس علي بيگ ۽ ضلعي عدالتن جا جج شامل هئا.

دوري دوران پاڪستاني ججن استنبول ۾ ترڪي جي آئيني عدالت جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي، جتي جديد عدالتي نظام ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي خصوصي سيشن منعقد ڪيا ويا.

وفد ڪيس مينيجمينٽ سسٽم ۽ آئي ٽي انفراسٽرڪچر جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ عدالتي معاملن ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

عملدارن موجب هن دوري جو مقصد پاڪستان جي عدالتي نظام کي وڌيڪ جديد ۽ موثر بڻائڻ آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment