آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 3 ڏينهن لاءِ جنگبندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ 1100 قيدين جي مٽا سٽا ڪندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته کيس اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته روس ۽ يوڪرين ۾ 3 ڏينهن (9، 10 ۽ 11 مئي) لاءِ جنگ بندي هوندي. هن چيو ته روس ۾ فتح جي ڏهاڙي جي حوالي سان جشن ملهايو پيو وڃي پر يوڪرين به اهڙو ملڪ هو جنهن ٻي عالمي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جنگبندي ۾ سمورن فوجي آپريشنز جي معطلي شامل هوندي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1100 قيدين جي مٽا سٽا ڪئي ويندي. آمريڪي صدر چيو ته اها درخواست منهنجي طرفان سڌي ريت ڪئي وئي آهي ۽ منهنجي درخواست تي اتفاق ڪرڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ يوڪرين جي صدر ڊولوڊومير زيلنسڪي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته اميد آهي ته هي هڪ ڊگهي، خوني ۽ تلخ جنگ جي خاتمي جي شروعات هوندي ۽ هن وڏي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جيڪا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان وڏي تڪرار آهي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هر گذرندڙ ڏينهن سان اسان ان تڪرار جي حل جي ويجهو پهچي رهيا آهيون. ياد رهي ته روس فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي حملو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ٻنهي طرفن جا سوين فوجي ۽ هزارين شهري مارجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ اڪثريت يوڪرين جي شهرين جي آهي. ولاديمير پوتن نازي جرمني تي سوويت يونين جي فتح جي يادگار کي پنهنجي 25 سالن جي حڪمراني جو مرڪزي داستان بڻائي ڇڏيو آهي، هر سال 9 مئي تي مرڪزي ماسڪو ۾ شاندار فوجي پريڊ منعقد ڪيو ۽ تاريخي فتح کي يوڪرين تي حملي جو جواز پيش ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن ۾ اهو پهريون موقعو هوندو ته پريڊ ۾ فوجي سامان جي نمائش نه ڪئي ويندي ۽ وڏي انگ ۾ پرڏيهي مهمان شرڪت ڪندا. ان کان اڳ روس 9 مئي جي پريڊ جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن جي جنگ بندي جو هڪ طرفي اعلان ڪيو هو، جڏهن ته يوڪرين ان تجويز کي رد ڪندي چيو هو ته اها اڳ ۾ ئي آڇ ڪري چڪو هو پر ماسڪو ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.
Source link

ٽرمپ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 3 ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

