ڪراچي:
شهر قائد جي ڪورنگي ڪراسنگ ڀٽائي ڪالوني ۾ پاڻي ۽ بجلي جي ڊگهي بندش خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا.
مظاهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.
احتجاج ۾ شريڪ شهرين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ گذريل 21 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پڻ معمول بڻجي وئي آهي، جنهن سبب روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي فراهمي کي فوري طور تي بحال ڪري لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.


