ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ اي ٽي ايم جي خرابي ۽ گراهڪ کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ واري ڪيس ۾ خانگي بئنڪ تي 15 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
درخواستگذار فراز فهيم ايڊووڪيٽ موجب 2019ع ۾ جڏهن هن رقم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته اي ٽي ايم رقم جاري نه ڪئي، جڏهن ته مشين به سندس ڪارڊ ضبط ڪري ورتي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پئسا ۽ ڪارڊ نه ملڻ سبب کيس سخت شرمندگي، ذهني اذيت ۽ پيشه ورانه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
عدالتي ڪارروائي دوران اهو به چيو ويو ته کسٽمر کي واپس ڪيل رقم ۽ سروس چارجز واپس ڪيا ويا آهن.
عدالت چيو ته شروعاتي طور تي سروس حاصل ڪرڻ لاءِ رقم جي ڪٽائي ۽ مشين جي خرابي سبب ڪارڊ ضبط ڪرڻ سروس ۾ گهٽتائي جي زمري ۾ اچي ٿو.
خانگي بئنڪ موقف اختيار ڪيو ته شڪايت بئنڪنگ ايڪٽ ۽ پيمينٽ سسٽم ۽ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر ايڪٽ 2007 جي تحت اچي ٿي ۽ اها ڪنزيومر ڪورٽ جي دائري اختيار کان ٻاهر آهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته رقم واپس ڪرڻ باوجود مالي نقصان ثابت نه ٿو ٿئي پر ذهني اذيت، پيشه ورانه خلل ۽ وقت جي ضايع ٿيڻ جو معاوضو ضروري آهي.
عدالت خانگي بئنڪ کي درخواستگذار کي 15 هزار رپيا هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.


