ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي جتي تربوز کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا بيمار ٿي پيا، جڏهن ته نوجوان ڇوڪري به بچي نه سگهي. دل ڏاريندڙ واقعي سبب علائقي ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي، خاص ڪري فوتي ڇوڪري جي ڪجهه ڏينهن ۾ شادي ٿيڻ واري هئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بجنور ضلعي ۾ ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان، سندس زال ۽ ڌيءَ مسڪين گهر ۾ تربوز کائي ويا، جنهن کانپوءِ ٽن ڄڻن جي حالت اوچتو خراب ٿي وئي. وارثن موجب مسڪين جي حالت تمام گهڻي خراب هئي، کيس اسپتال آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هوءَ رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته موت جو اصل سبب تربوز هو يا ڪو ٻيو سبب حادثو پيش آيو. شروعاتي طور ڪيس کي شڪي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي. ان المناڪ سانحي خاندان کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. گهر ۾ شادي جون تياريون هلي رهيون هيون، پر خوشي جو ماحول اوچتو ماتم ۾ تبديل ٿي ويو. مسڪين جي اوچتي موت سبب خاندان ۾ سوڳ ڇانيل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ۽ سندس گهر واري جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ مقامي سطح تي خوف پکڙجي ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا تربوز کائڻ سبب فوت ٿي ويا هئا. جاچ کانپوءِ تربوز ۾ زهريلي جزن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو.
Source link

تربوز کائڻ سبب هڪ ٻي نوجوان فوت ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن بعد شادي هئي
Leave a Comment Leave a Comment

