ايران جي جنگبندي جي تجويز هڪ ‘ذميوار پيشڪش’ هئي، اسماعيل بقائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ايران جي جنگ ختم ڪرڻ جي تجويز هڪ “ذميوار پيشڪش” آهي جنهن جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ امن جي رستي کي هٿي ڏيڻ آهي.

هن چيو ته ايران ڳالهين ۾ واضح مطالبا ڪيا آهن، جن ۾ جنگ جو مڪمل خاتمو، آمريڪي پابندين ۽ قزاقي جي خاتمي ۽ آمريڪا جي دٻاءُ سبب ٻاهرين ملڪ منجمد ڪيل ايراني اثاثن کي آزاد ڪرڻ شامل آهن.

اسماعيل بقائي چيو ته آبنائے هرمز ذريعي محفوظ لنگهه جي فراهمي ايران جي اهم مطالبن مان هڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عالمي واپار ۽ توانائي جي منتقلي لاءِ هڪ اهم رستو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو خاص ڪري لبنان ۾.

ايراني ترجمان واضح ڪيو ته جيڪڏهن ايران تي جنگ مسلط ڪئي وئي ته تهران ڀرپور دفاع ڪندو، جڏهن ته جتي سفارتي ۽ ڳالهين جي گنجائش آهي، ايران ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته سمورا فيصلا ايران جي قومي مفادن کي سامهون رکندي ڪيا ويندا ۽ ايران اڳ ۾ ئي ثابت ڪري چڪو آهي ته هو پنهنجي عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي.

ماهرن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ آبنائے هرمز، اقتصادي پابنديون ۽ علائقائي سلامتي اهم نقطا بڻجي ويا آهن جڏهن ته خطي ۾ جنگ بندي ۽ ڳالهين لاءِ ڪوششون به جاري آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment