انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بجلي صارفين گذريل 3 سالن دوران 19 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري چڪا آهن.
توانائي واري وزارت جي دستاويزن مان پڌرو ٿيو ته ڊسڪوز 23-2022ع ۾ بجلي جي صارفين کان 5.7 ٽريلين رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا، جڏهن ته بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين 24-2023ع ۾ 6.98 ٽريلين رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا.
دستاويزن موجب گذريل سال بجلي جي صارفين کان 7 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو، آئيسڪو گذريل 3 سالن دوران صارفين کان 2 کرب 32 ارب رپيا وصول ڪيا.
ان کان علاوه ليسڪو 3 سالن ۾ صارفين کان 5 کرب 32 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيا جڏهن ته گيپڪو 3 سالن ۾ صارفين کان 2 کرب 40 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيا.
اهڙي طرح فيسڪو ٽن سالن ۾ صارفين کان 3 کرب 7 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيا، جڏهن ته ميپڪو 3 سالن ۾ 3 کرب 23 ارب رپيا ۽ پيسڪو 3 سالن ۾ 1 کرب 51 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا.
دستاويزن موجب حيسڪو 3 سالن ۾ صارفين کان 57 ارب 58 ڪروڙ رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو، ڪيسڪو 3 سالن ۾ صارفين کان 24 ارب 28 ڪروڙ رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو، ٽيسڪو 1 ارب 55 ڪروڙ رپيا ۽ سيپڪو 3 سالن ۾ صارفين کان 34 ارب 46 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا.


