يورپي يونين پاران اسرائيلي آبادڪارن ۽ حماس اڳواڻن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


يورپي يونين اسرائيلي آبادڪارن ۽ حماس جي اهم اڳواڻن خلاف پابندين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو برسلز ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ڪيو ويو.

رپورٽن مطابق هنگري جي اڳوڻي وزيراعظم وڪٽر اوربان جي حڪومت جي مخالفت سبب پابندين جو پيڪيج ڪيترن ئي مهينن کان التوا ۾ هو پر هنگري ۾ نئين حڪومت جي قيام ۽ نئين وزيراعظم پيٽر ميگيار جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اها رڪاوٽ هٽي وئي.

يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪاجا ڪالاس چيو آهي ته اهو وقت اچي ويو آهي ته تعطل کي ختم ڪيو وڃي ۽ عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته انتهاپسندي ۽ تشدد جا ضرور نتيجا آهن.

پابندين ۾ ٽن اسرائيلي آبادگارن ۽ چار آبادڪار تنظيمن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف تشدد ۾ ملوث هئا، پر انهن جا نالا فوري طور تي جاري نه ڪيا ويا.

فرانسيسي پرڏيهي وزير جين ناول بارو ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته يورپي يونين اسرائيلي تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جيڪي اولهه ڪناري ۾ انتهاپسند ۽ پرتشدد آبادين جي حمايت ڪري رهيون آهن.

ٻئي طرف اسرائيل يورپي يونين جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون ساعر چيو آهي ته يورپي يونين اسرائيلي شهرين ۽ تنظيمن کي سياسي بنيادن تي نشانو بڻايو آهي. اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته يهودين کي اولهه ڪناري ۾ آباد ٿيڻ جو حق آهي.

اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمر بين گوور به يورپي يونين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آبادڪاري جو عمل جاري رهندو.

يورپي يونين به حماس جي قيادت تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فرانسيسي پرڏيهي وزير موجب حماس قيادت کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ٿيل حملن جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

حماس جي سينيئر اڳواڻ باسم نعيم يورپي يونين جي ان قدم کي سياسي منافقت ۽ نسل پرستي قرار ڏيندي چيو آهي ته يورپي يونين مظلومن ۽ قابض قوتن کي هڪ ئي نظر سان ڏسي ٿي.

رپورٽن مطابق غزه جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي فوج ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ آبادگارن جا حملا تيز ٿي ويا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن موجب هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment