ايران ۾ اڄ هڪ ٻئي شخص کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن جو تعلق هڪ حڪومت مخالف تنظيم سان هو.
عالمي خابرو اداري موجب ايراني عدليه جي ويب سائيٽ تي ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار عبدالجليل جو تعلق دهشتگرد تنظيم انصار الفرقان سان آهي. جنهن کي اڄ صبح ڦاسي ڏني وئي.
واضح رهي ته انصار الفرقان هڪ هٿياربند گروپ آهي جنهن جو مقصد ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اها تنظيم حڪومتي فورسز کي نشانو بڻائي رهي آهي.
ايران جي حڪومت انصار الفرقان کي باغي ۽ دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان خلاف سيڪيورٽي آپريشن به جاري آهي.
ايراني عدليه جي ويب سائيٽ تي موجود ڄاڻ موجب جوابدار عبدالجليل شاهه بخش کي ملڪ جي اوڀر ۾ دهشتگردي خلاف ڪاررواين دوران گرفتار ڪيو ويو.
مٿس الزام آهي ته هو 6 سال اڳ فوجي تربيت لاءِ پاڙيسري ملڪ به ويو هو. عبدالجليل خلاف مختلف عدالتن ۾ ڪيس هليا ۽ سپريم ڪورٽ به موت جي سزا برقرار رکي.
جنهن تي اڄ عمل ڪيو ويو. عدالت چيو ته جوابدارن کي سموريون قانوني سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته ايران ۾ فيبروري ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ٽن مهينن کان جاري حملن کان پوءِ موت جي سزا جي واقعن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي.


