آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران نه رڳو مستقبل ۾ يورينيم جي افزودگي کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيندو پر ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جون ڪوششون به ڇڏي ڏيندو.
عالمي خابرو اداري موجب صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته مون کي يقين آهي ته ايران ڪنهن به ممڪن نئين معاهدي تحت انهن شرطن تي عمل ڪندو جيڪي ان کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪين.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڪنهن به ممڪن ڊيل تحت ايران جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل مواد تحويل ۾ وٺندو. ايران سان ڳالهيون احتياط سان ٿينديون پر تڪڙ کانسواءِ.
هن اهو به چيو ته ايران تي لاڳو پابنديون برقرار رهنديون ۽ آمريڪا ڪو به جلدي فيصلو نه ڪندو. آمريڪا خطي ۾ وڏيون فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
صدر ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن جو ماضي ۾ ايراني عملدارن سان سڌو سنئون رابطو رهيو آهي. جيڪڏهن ايران سان تازيون ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي، جنهن ڪري تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ايراني پارلياماني ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ٻيهر اسان جي سرزمين تي حملو ڪيو ته جواب ۾ 90 سيڪڙو يورينيم افزودگي ڪري سگهون ٿا.
ايران هميشه اهو برقرار رکيو آهي ته هو پرامن مقصدن لاءِ يورينيم کي افزودگي ڪرڻ پنهنجي قانوني حق ۾ آهي ۽ هو پنهنجي ايٽمي سرگرمين کي مڪمل طور تي روڪڻ لاءِ تيار نه هوندو.


