ڪراچي جي علائقي باغ ملير وٽ پوليس مقابلو، 2 جوابدار زخمين سميت گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ الفلاح پوليس باغ ملير ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اعجاز ۽ خليل احمد جي نالن سان ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment