قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو ۽ هڪ ٻئي کي گالي ڏني وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر هڪ ٻئي سان جهيڙي ويا، جڏهن ته اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو ٿي پيو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اقبال آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر کيس روڪيو ته اقبال آفريدي ڪاوڙ ۾ اچي ويو.

اقبال آفريدي ۽ جنيد اڪبر وچ ۾ تلخ کلامي ٿيندي رهي، جنيد اڪبر کي ميمبرن هڪ طرف ڪري ڇڏيو، اقبال آفريدي کي ٻين ميمبرن جهليو.

پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي ميمبر ۽ اقبال آفريدي ۾ جهيڙو ٿي پيو، پي ٽي آءِ ميمبرن هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون، اقبال آفريدي ۽ جنيد اڪبر هڪ ٻئي جا گلا پڪڙيا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment