پاڪستان کي بنگلاديش خلاف پهرئين ٽيسٽ ۾ سست اوور ريٽ تي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ پوائنٽس جي سخت سزا ۽ پوائنٽس جي ڪٽائي کي منهن ڏيڻو پيو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان تي ميچ فيس جو 40 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ۽ 27-2025ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ مان 8 پوائنٽس به ڪٽيو.
پاڪستاني ٽيم هدف کان 8 اوور گهٽ ٿي وئي، جنهن سبب پينالٽي جو شڪار ٿيو.
پوائنٽس جي ڪٽجڻ کانپوءِ پاڪستان هاڻي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ اسٽينڊنگ ۾ صرف 4 پوائنٽن سان اٺين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ايلٽ پينل ميچ ريفري جيف ڪرو پاڪستاني ٽيم کي اها سزا ڏني.
آءِ سي سي جي ضابطن موجب هر مختصر اوور لاءِ پنج سيڪڙو ميچ فيس ڏنڊ ۽ هڪ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ پوائنٽ ڪٽيو ويندو.
پاڪستاني ڪپتان شان مسعود غلطي جو اعتراف ڪندي تجويز ڪيل سزا قبول ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ باضابطا ٻڌڻي جي ضرورت نه رهي.


