برطانوي عدالت 54 سالن جي عبدالحليم خان کي 2004ع کان 2015ع جي وچ ۾ ستن ڇوڪرين سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عالمي خابرو اداري موجب عدالت کي ٻڌايو ويو ته 7 ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ هڪ 12 سالن جي ڇوڪري به شامل آهي جن کي جوابدارن پاران جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.
عبدالحليم خان خاندانن کي يقين ڏياريندو هو ته متاثر ڇوڪريون جنن، شيطانن يا ڪاري جادو جي اثر هيٺ آهن ۽ انهن کي روحاني علاج جي سخت ضرورت آهي.
پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته جوابدار متاثرين کي خاموش ڪرائڻ لاءِ مذهبي اثر رسوخ، خوف ۽ ڪوڙي روحاني دعوائن جو استعمال ڪيو.
هن اها به دعويٰ ڪئي ته متاثرن ۽ انهن جي خاندانن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جيڪڏهن ڪو ان بابت ڳالهائي ٿو.
جاچ موجب متاثرن مان ڪيترائي خوف ۽ سماجي دٻاءُ سبب سالن تائين خاموش رهيا.
پوليس کي پهريون ڪيس 2018ع ۾ سامهون آيو، جنهن بعد جاچ جي نتيجي ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته جوابدار مذهبي اعتماد جو فائدو وٺي نوجوان ۽ ڪمزور ڇوڪرين کي نشانو بڻائي سندن زندگيون تباهه ڪيو.
واضح رهي ته ملزم عبدالحليم خان ايسٽ لنڊن جي هڪ مسجد ۾ به امامت جا فرض سرانجام ڏيندو هو.


