9 مئي تي حملي ڪيس ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن سميت 4 اڳواڻن کي بري ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



جڊيشل مئجسٽريٽ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي فهيم خان، اڳوڻي ميمبر صوبائي راجا اظهر سميت 4 اڳواڻن کي 9 مئي سانحي ۽ باهه جي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو. ايڪسپريس نيوز موجب جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي 9 مئي سانحي ۽ باهه جي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي فهيم خان، اڳوڻي ميمبر صوبائي راجا اظهر سميت 4 اڳواڻن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سزا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. عدالت اڳوڻي ايم اين اي فهيم خان، ايم پي اي راجا اظهر سميت 4 اڳواڻن کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدارن شاهنواز جدون ۽ شهزاد کي به بري ڪري ڇڏيو. جوابدارن طرفان وڪيل اقرار اسلام ۽ صائمه اقرار پيش ٿيا. پوليس موجب جوابدارن تي تحريڪ انصاف جي باني جي گرفتاري کانپوءِ هٿياربند گاڏي کي باهه ڏيڻ ۽ نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment