ٻي ٽيسٽ: بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 278 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند پڄاڻي تي پهتي.

سلهٽ ۾ کيڏيل ميچ جي پهرين ڏينهن بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 278 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، لاطيني داس 126 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

پاڪستان طرفان خرم شهزاد 4، محمد عباس 3، حسن علي 2 ۽ ساجد خان هڪ وڪيٽ ورتي.

پاڪستان طرفان اذان اويس ۽ عبدالله فضل اننگز جي شروعات ڪئي، پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 21 رنسون ٺاهي ورتيون.

ان کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.

ٻئين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن، امام الحق، شاهين آفريدي ۽ نعمان علي جي جاءِ تي بابر اعظم، خرم شهزاد ۽ ساجد خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي هڪ-صفر جي برتري حاصل آهي، پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 104 رنسن تان شڪست ڏني هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment