پيٽرول کانپوءِ حڪومت هڪ ٻي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پيٽرول ۽ ڊيزل کانپوءِ حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ به 7 رپيا 23 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي.

اوگرا نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب گاسليٽ جي قيمت 311 رپيا 73 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن کان اڳ گاسيءَ جي تيل جي قيمت 318 رپيا 96 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي.

گذريل رات حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي.

پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان ايندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي آهي، جنهن جو اطلاق 16 مئي 2026ع کان ٿيندو.

نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 409 رپيا 58 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پيٽرول جي قيمت ۾ به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 414 رپيا 78 پئسا مان گهٽجي 409 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي.

ياد رهي ته حڪومت گذريل هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو هو، جنهن سبب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 414 رپيا 78 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر ٿي وئي هئي.

حڪومت ان کان اڳ 29 اپريل تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 39 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 51 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment