صوبن جون حالتون خراب آهن، رياست کي امن جو گڏيل حل ڳولڻو پوندو: مولانا فضل الرحمان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ حالتون خراب آهن. ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ اسلام اقليتي ونگ سنڌ جي تحت پروگرام کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان سڀ مذهبن ۽ قوميتن جا ماڻهو آهيون، اسان جو مذهب انسانيت ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿو، جمعيت علماءِ اسلام سڀني کي گڏ کڻي هلي ٿي، جمعيت علماءِ اسلام اقليتي ونگ ٺاهي آهي، اسان اقليتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ڳالهايون ٿا. هن چيو ته ڀٽو دور ۾ حڪومت تعليمي ادارن کي سرڪاري قبضي ۾ وٺي رهي هئي. ان وقت منهنجو والد سرحد ۾ وڏو وزير هو. هن منع ڪئي ته اقليتن جي مرضي کانسواءِ ڪنهن به اقليتي تعليمي اداري کي سرڪاري تحويل ۾ نه ورتو ويندو. هن چيو ته امن انساني حقن جي تحفظ جي علامت آهي، جان، مال، عزت ۽ مال محفوظ هوندو ته امن هوندو، رياست امن قائم ڪندي ته عوام محفوظ رهندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان امن چاهيون ٿا، حالتن جي بهتري چاهيون ٿا، رياست کي امن لاءِ مربوط ۽ قابل اعتماد پاليسيءَ موجب حل ڳولڻو پوندو، اقليتن سميت سڀني کي حق ملڻ گهرجن، ملڪ جي حالتن ۽ معيشت جي بهتري لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي راشد محمود سومرو، قاري محمد عثمان، اسلم غوري، روي ڪمار کٽي، اڪشي ڪمار، مولانا سميع سواتي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment