اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بهتر ڪارڪردگي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ وزارتن کي ترجيح ڏني ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) منصوبن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ سال جي تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن جي تفصيل ۽ انهن لاءِ گهربل فنڊن تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته هلندڙ سال جي پي ايس ڊي پي جو به جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزارتن کي ترقياتي منصوبن لاءِ ترجيحي بنيادن تي بجيٽ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام جو پئسو اهڙن ترقياتي منصوبن ۾ لڳايو ويندو جنهن جا يقيني نتيجا نڪرندا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ لاءِ پاڻي جا ذخيرا ۽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، جڏهن ته پاڻي جا ذخيرا وڌائڻ جا منصوبا به ترجيح ڏنا ويندا.
اجلاس ۾ داسو ڊيم، ديامير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم سميت قومي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ هائيڊرو پاور منصوبن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم پانڊا بانڊز جي ڪامياب لانچنگ ۽ ان جي مارڪيٽ ۾ قبوليت تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي واکاڻ ڪئي.
اجلاس ۾ ريلوي، آءِ ٽي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو ويو جڏهن ته ترقياتي منصوبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، شازا فاطمه خواجا، حنيف عباسي، سردار اويس خان لغاري، عبدالعليم خان، خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خصوصي معاون حنيف عباسي ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.


