شادي کان انڪار موت جو شڪار، پنجابي ڳائڻي جو لاش واهه مان هٿ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڀارتي پنجاب جي شهر لڌيانا سان تعلق رکندڙ اُڀرندڙ پنجابي ڳائڻي اندر ڪور پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته سندس گهروارن الزام لڳايو آهي ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي اغوا ڪيو ويو هو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گلوڪاره جو لاش نيلون واهه مان هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد سندس گهرڀاتين سڃاڻپ ڪئي. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سمرالا منتقل ڪيو. اندر ڪور جي ڀاءُ جوتيندر سنگهه پاران داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته ڳائڻي 13 مئي جي رات 8.30 وڳي سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي فورڊ فيگو گاڏي ۾ گهر کان ٻاهر نڪتي پر ان کانپوءِ واپس نه آئي. وارثن شڪ ڪيو آهي ته ڀلور جي رهواسي سهويندر سنگهه پنهنجي ساٿين سان گڏجي کين اغوا ڪيو آهي. گهروارن موجب جوابدار اندر ڪور سان شادي ڪرڻ چاهي پيو پر ڳائڻي پاران لاڳاپا رد ڪرڻ تي ناراض هو ۽ ان ناراضگي سبب هن اهو قدم کنيو. وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سخوندر سنگهه ڪينيڊا کان پنجاب آيو، ڳائڻي کي بندوق جي زور تي اغوا ڪيو، بعد ۾ کيس قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ پوءِ واپس ڪئناڊا فرار ٿي ويا. وارثن پوليس جي ڪارروائي تي به سوال اٿاريا ۽ موقف اختيار ڪيو ته 15 مئي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي، جنهن سبب جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جمالپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او بلبير سنگهه ڪيس داخل ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. اندر ڪور کي پنجابي ميوزڪ ۾ اڀرندڙ آواز سمجهيو ويندو هو ۽ سوشل ميڊيا تي به سندس مداحن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو هو. سندس اوچتو ۽ المناک موت مداحن ۽ موسيقي جي حلقن کي صدمي ۾ ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment