ڪراچي:
شهر قائد ۾ ملير ڪينٽ جي علائقي مگسي چوڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ايڌي عملدارن موجب واقعي کانپوءِ لاش کي فوري طور تي جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ خورشيد خان جي نالي سان ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب مقتول پنهنجي ذاتي پستول سان سر ۾ گوليون هڻي خودڪشي ڪئي آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
اختيارين موجب واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وارثن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي.


