جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عالمي صورتحال کي جواز بڻائي عوام تي مهانگائي جا جبل ڪيرايا پيا وڃن، اڄ عام ماڻهو پنهنجي محنت جي پئسن سان ٻارن جي تعليم ۽ ٻه وقت جي ماني به فراهم ڪرڻ کان قاصر ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي وقتي صدر ارشاد کوکر، سيڪريٽري اسلم خان، خازن عمران ايوب، جوائنٽ سيڪريٽري فاروق سمي، ميمبر گورننگ باڊي عبدالجبار ناصر، اختر سومرو، شيما صديقي، جاويد مهر سميت پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مولانا فضل الرحمان ملڪ جي سياسي صورتحال، جمهوريت، آئين، سول بالادستي، امن امان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ بدامني عروج تي آهي خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ڪنهن هنڌ علحدگيءَ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي تلوار جي زور تي شريعت نافذ ڪرڻ جا نعرا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ چورن جو راڄ قائم آهي. هن چيو ته حڪمران طبقا نه امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنجيده آهن ۽ نه ئي عوام جي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته عام ماڻهو پنهنجي محنت جي پئسن مان ٻارن جي تعليم ۽ ٻه وقت جو کاڌو فراهم ڪرڻ کان قاصر ٿي ويو آهي، جڏهن ته عوام مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي. هن چيو ته عالمي صورتحال کي جواز بڻائي عوام تي مهانگائي جا جبل ڪيرايا پيا وڃن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت سنگين سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي بحرانن جي ور چڙهيل آهي. هن چيو ته ماضي ۾ مارشل لا جي دور ۾ تباهي آئي ۽ آئين ۾ تبديليون ڪيون ويون، چونڊون بار بار ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، اسان جمهوريت لاءِ تحريڪ هلائي رهيا آهيون جمهوريت ڇو ڪمزور ٿي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته رڳو سياستدان سمجهوتو ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ڪنهن سان به چونڊ اتحاد ناهي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿيون.
Source link

عالمي صورتحال، مهانگائي کي جواز بڻائي عام ماڻهو جي روزي جي ماني به کسي ورتي آهي: فضل الرحمان
Leave a Comment Leave a Comment

