ڪراچي:
شهر قائد ۾ برگيڊ پوليس مختصر مدي لاءِ اغوا ۾ ملوث ايڪسائيز پوليس جي آن ڊيوٽي انسپيڪٽر سميت 7 اهلڪارن جي انتهائي گهربل گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان ايس ايس پي ايسٽ موجب گرفتار جوابدار ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جو آن ڊيوٽي انسپيڪٽر آهي ۽ اغوا ڀنگ جي واردات ۾ ملوث آهي، گرفتار ڪيل ٻين 7 جوابدارن ۾ ايڪسائيز پوليس اهلڪار به شامل آهن.
گرفتار جوابدارن ۾ انسپيڪٽر حامد، عرفان، شاهزيب، شهريار، عامر، آفاق، جمشيد ۽ زين عرف ڊوگر شامل آهن.
جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان بيگناهه شهرين کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي اغوا ڪري وڏي رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيا آهن.
جوابدار واقعي ۾ عورت کي به استعمال ڪري رهيا آهن. جوابدار ڪاشان جي هڪ شهري کي فون ڪري لالچائي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي کيس اغوا ڪيو ۽ شهر ۾ گهمي ڦري 1.5 لک رپيا ڀنگ وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.
پوليس ڪاشان جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڇاپا هڻي کين گرفتار ڪري ورتو. جوابدار واقعي ۾ پوليس يونيفارم استعمال ڪيو.
گرفتار جوابدارن وٽان 4 پستول، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار ڪيترن ئي شهرين کي اغوا ڪري ڀتا وصول ڪري چڪا آهن.
ڪارروائي دوران ايڪسائيز انسپيڪٽر سميت 4 جوابدارن کي وردي ۾ ملبوس گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


