آمريڪا جا حد کان وڌيڪ مطالبا امن ڳالهين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، ايران

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪا جا حد کان وڌيڪ مطالبا امن ڳالهين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. ايراني خبر رساں اداري تسنيم نيوز موجب عباس عراقچي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آمريڪا ماضي ۾ ٽوڙ واعدن، متضاد پاليسين ۽ فوجي ڪاررواين ذريعي سفارتڪاري کي نقصان پهچايو پر ان باوجود ايران پاڪستان جي ثالثي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ سنجيدگي سان شرڪت ڪري رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪنهن به ملڪ جي خودمختياري خلاف طاقت جي استعمال کي رد ڪندي خطي ۾ استحڪام لاءِ سفارتي عمل جاري رکڻ تي زور ڏنو. واضح رهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ثالثي جي ڪوششن جي سلسلي ۾ تهران پهچي ويو آهي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به چيو آهي ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ اميد آهي ته پاڪستان جي ثالثي ذريعي ايران سان معاهدو طئي ٿي ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment