راولپنڊي:
سڪسٿ روڊ تي اسلام آباد کان ايندڙ ميٽرو بس ۾ اوچتو خوفناڪ باهه لڳي وئي.
ايڪسپريس نيوز موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مسافرن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
بس ۾ باهه لڳڻ سبب ميٽرو بس ٽريڪ تي گاڏين جي اچ وڃ عارضي طور تي معطل ٿي وئي آهي. انتظاميا موجب باهه تي ضابطو آڻڻ ۽ ٽريڪ ڪليئر ٿيڻ بعد سروس بحال ڪئي ويندي.
شروعاتي اطلاعن موجب امدادي ٽيمن سمورن مسافرن کي باحفاظت بس مان ٻاهر ڪڍيو. امدادي ادارن جي 4 ايمرجنسي گاڏين سميت 12 کان وڌيڪ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ ڪارروائي ۾ مصروف آهن.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ميٽرو بس مڪمل طور سڙي رک ٿي وئي. شروعاتي طور معلوم ٿيو ته بس ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.
هوڏانهن ريسڪيو ٽيمن جي پهچڻ کان اڳ مسافرن گاڏين جا شيشا ٽوڙي پنهنجي جان بچائي ورتي.
هوڏانهن انتظاميا موجب ميٽرو بس سروس اڃا تائين بند آهي ۽ سمورن اسٽيشنن تي ٽڪيٽنگ ڪائونٽر بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف مسافرن جو وڏو انگ بس سروس شروع ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.


