ميزبان ملڪن سڄي دنيا ۾ غير قانوني افغان پناهگيرن تي پنهنجي گرفت سخت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ترڪي ۾ گرفتارين جي نئين لهر شروع ٿي وئي آهي.
غير قانوني افغان پناهگير ميزبان ملڪن جي اندروني سلامتي ۽ امن امان لاءِ سنگين چئلينج بڻجي ويا آهن. جرمني ۽ ايران کان پوءِ ترڪي به غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري رهيو آهي ۽ نيون گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.
سڌ سماءَ واري افغان نشرياتي اداري افغانستان انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب ترڪ پوليس شرناق ۽ بي برٽ ۾ غير قانوني مهاجرن خلاف ڪارروائي ڪندي 15 افغان پناهگيرن ۽ 6 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بيبرٽ ۾ پناهگيرن کي غيرقانوني طور تي سرحد پار اسمگل ڪندي انساني اسمگلنگ نيٽ ورڪ جي 3 افغان ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ کي عدالتي حڪم تي جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
افغان انٽرنيشنل موجب ترڪ اختيارين حراست ۾ ورتل سمورن افغانن کي ڊي پورٽشن سينٽرن ڏانهن واپس آڻڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ترڪي جي مائيگريشن ڊپارٽمينٽ غير قانوني مهاجرن خلاف سخت ترين پاليسي اختيار ڪندي واضح ڪيو آهي ته غير قانوني مهاجرن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سخت سرحدن جي نگراني، اميگريشن جي گرفتارين ۽ فوري طور تي جلاوطني جاري رهندي.
گڏيل قومن موجب ترڪي هن سال 13 هزار 500 افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو، غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف صفر برداشت واري پاليسي اختيار ڪئي.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته غيرقانوني افغان مهاجرن جي سيڪيورٽي اسڪريننگ نه ٿيڻ هڪ خطرناڪ خامي آهي، جنهن جو فائدو وٺي انتهاپسند عنصر پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن ۾ سليپر سيل قائم ڪري سگهن ٿا.
افغان پناهگيرن جي وڌندڙ ڏوهن جي ڪري ميزبان ملڪ هاڻي مجبور ٿي ويا آهن ته هو پنهنجي قومي مفاد ۽ سلامتي کي انسانيت تي اوليت ڏين.


