آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي ويجهو سيڪيورٽي واقعي تي فوري جواب ڏيڻ تي ڳجهي سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساراهه ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته وائيٽ هائوس جي دروازي وٽ هٿياربندن سان فائرنگ جو تبادلہ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ حملي آور مارجي ويو. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪري وڏي خطري کي ٽاري ڇڏيو.
صدر ٽرمپ موجب حملي آور جي پرتشدد سرگرمين جي تاريخ هئي ۽ ان جي وائيٽ هائوس ۾ غير معمولي دلچسپي هئي. هن چيو ته ابتدائي جاچ ۾ ڪيترائي اهم پهلو سامهون آيا آهن جن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
آمريڪي صدر چيو ته واقعو وائيٽ هائوس جي صحافين جي ڊنر تي فائرنگ جي هڪ مهيني کانپوءِ پيش آيو آهي، جيڪو صدارتي سيڪيورٽي بابت وڌيڪ سوال اٿاري ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ زور ڀريو ته واشنگٽن ۾ اعليٰ سلامتي واري صدارتي عمارت جي تعمير مستقبل جي آمريڪي صدرن جي تحفظ لاءِ ناگزير بڻجي وئي آهي.
سندس موجب آمريڪا جي قومي سلامتي کي ڪنهن به ممڪن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن سخت ۽ جديد حفاظتي قدمن جي ضرورت آهي.


