حسن علي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي يارڪشائر کي فتح تائين پهچائي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حسن علي جي شاندار آل رائونڊ پرفارمنس سبب يارڪشائر ڊربي شائر کي سنسني خیز مقابلي ۾ 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب ڊربي شائر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون. اوپنر مارٽن اينڊرسن 81 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

هدف جي تعاقب ۾ يارڪشائر جي بيٽنگ لائين اپ سخت ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي ۽ 4 رانديگر صرف 65 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.

جارحاڻي بيٽسمين ايڊم ليٿ 31 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته جوني بيئرسٽو، جيمس وارٽن ۽ وليم لکسن جلد آئوٽ ٿي ويا.

معين علي ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي 51 رنسون ٺاهيون، پر هو ٽيم کي مڪمل برتري نه ڏياري سگهيو.

آخري اوور ۾ حسن علي ميچ جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ صرف 12 بالن تي 31 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ان سان گڏ اينڊريو ٽائي به 32 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڊربي شائر طرفان جيڪ مورلي 4 جڏهن ته نڪ پوٽس 2 وڪيٽون ورتيون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment