سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان اسحاق ڊار جون اهم ملاقاتون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، عالمي امن، اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل قومن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پراڪ سوخون سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث جي موقعي تي ڳالهائيندي اسحاق ڊار گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي حفاظت ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ دفاعي سهڪار، توانائي ۽ ايل اين جي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ فريم ورڪ مان معاشي فائدا وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسحاق ڊار ڪوسٽا ريڪا جي پرڏيهي وزير مينوئل ٽوور رويرا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪوسٽا ريڪا لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ ڪوسٽا ريڪا جي اميدوار ريبيڪا گرينسپن به ان موقعي تي موجود هئي. ان دوران نائب وزيراعظم Javier Martinez Acha Vasquez سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ پاناما وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سوگيونو سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ ۽ اعليٰ سطحي لاڳاپن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment